سنڌ اندر مختلف واقعن سبب 5 ڄڻا فوت، هڪ جي حالت نازڪ

سنڌ اندر مختلف واقعن سبب 5 ڄڻا فوت، هڪ جي حالت نازڪ

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر ڪارو ڪاري، روڊ حادثن ۽ خودڪشين جي مختلف واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ ڄڻي کي نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. صالح پٽ مان نياز مهر مطابق ڳوٺ آباد ۾ هڪ ڏينهن اڳ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل نوجوان امام ڏنو مگريو زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته نوجوان جي فوت ٿيڻ جي خبر پوڻ تي سندس ناني رازل پڻ صدمي ۾ فوت ٿي وئي آهي ٻنهي مقتولن جا لاش گڏ کڄڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته مقتولن کي اباڻي قبرستان سعيد ميران ۾ دفنايو ويو آهي. *** ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر مطابق نوشھرو ابڙو لڳ ڳوٺ جلال الدين بروھي ۾ شبير بروھي گھرو اڻ بڻت تان پنھنجي نوجوان زال مسمات فاطمه کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.

*** نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق ڳوٺ حاجي احمد خان ڪاٺيو ۾ 24 سالا نوجوان  غلام شبير ڪاٺيو گھرو اڻبڻت تان زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دولتپور اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي داڪٽرن پاران سندن زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق ٻانڌي روڊ سان سنڌ ڪالوني وٽ ٽرڪ يارنھن ھزار ووالٽيج تارن سان ٽڪرائجڻ سبب ٽرڪ ڪلينڊر عمران بلوچ ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويو جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪري ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ياد رھي فوت ٿيندڙ ڊيرا اسماعيل خان جو رھواسي ھو جيڪو مورو ڀرسان ڪيلي جي ڀرائي تي آيو ۽ اھڙو حادثو پيش آيو.

رھواسين جو چوڻ آھي ته واپڊا سيپڪو مورو جي نااھلي سبب تارون ھيٺ آھن جنھن ڪري اھڙا جاني نقصان ٿي رھيا آھن ھنن مطالبو ڪيو ته تارون مٿي ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي. ***  فيض گنج مان وسيم سولنگي مطابق سکر کان نواب شاھ ويندڙ وين مٿان سوار ظفر آباد جو رهواسي 38 سالا اختر علي ولد عبدالسلام بروهي ڪري فوت ٿي ويو آھي فوتي اڪري کان نواب شاھ وڃي رهيو هو جيڪو وين ۾ اندر گنجائش نه هئڻ ڪري ڪنڊيڪٽر کيس وين جي مٿان ويهاريو جيڪو تيز رفتاري جي ڪري مٿان ڪري پيو ۽ ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو