سنڌ اسيمبلي مان 26 هين آئيني ترميم جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي مان 26 هين آئيني ترميم جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي آئيني بينچ ٺاهڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سنڌ ۾ آئيني بينچن جي قيام بابت ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو.قرارداد پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَ لنجار پيش ڪئي.پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، 123 ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو.جماعت اسلامي جي فاروق احمد ۽ 4 آزاد ميمبرن قرارداد جي مخالفت ڪئي.پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 202 اي جي شق 6 تحت ٺهراءُ آڻڻ ضروري هو، اهو آئيني گهرج آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو