سنڌ اسيمبلي جو هنگامي اجلاس،سمورا پاس رد

سنڌ اسيمبلي جو هنگامي اجلاس،سمورا پاس رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جو هنگامي اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي جا سمورا پاسز منسوخ ڪيا ويا آهن.9 مئي تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 12 مئي تائين ملتوي ڪيو ويو پر سياسي صورتحال سبب هنگامي اجلاس اڄ (11 مئي) طلب ڪيو ويو.موجوده سياسي صورتحال تي وقتي اسپيڪر ريحانه لغاري اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.سنڌ اسيمبلي جي هنگامي اجلاس دوران ميڊيا جي نمائندن کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.سنڌ اسيمبلي جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.سنڌ اسيمبليءَ جي مکيه دروازي مان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کانسواءِ ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو