سنڌي ڳوٺ نظر انداز، افغان بستي تي سنڌ حڪومت مهربان

ملير (شهزادو مستوئي) قومي شاهراهه لڳ لاشاري ڳوٺ ڀرسان قبضو ڪري جعلي افغاني بستي کي ضلعي ڪائونسل ڪراچي طرفان پ پ جي مقامي نمائندن پاڻي، بجلي ۽ گيس جي فراهمي بعد سيوريج لائن وڇائي ڏيڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ترقياتي ڪم شروع ڪرايو آهي. شاهه لطيف ٽائون سيڪٽر 26 بي تي پ پ جي مقامي با اثر چونڊيل نمائندن غيرقانوني قبضو ڪري افغاني بستي قائم ڪري کين سمورين بنيادي سهولتن سان نوازي ڇڏيو . پاڻي بجلي گيس کان پوءِ گذريل ڏينهن ضلعي ڪائونسل ڪراچي طرفان کين سيوريج لائن پائيپ به فراهم ڪري ڇڏيا قبضا مافيا گوهر آفريدي شاهي اڪبر ابراهيم افغاني طرفان سڄي سيڪٽر تي قبضو ڄمائي تعميراتي ڪم شروع ڪري ڇڏي آهي قبضي جي آبادي ۽ ڌارين کي ضلعي ڪائونسل ڪراچي ملندڙ سهولتن تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کان اڳ جا آباد آهيون پر 70 سالن کان اڄ تائين پاڻي بجلي گيس جهڙي نعمتن کان محروم آهيون هنن وڌيڪ چيو ته پ پ جي مقامي چونڊيل نمائندن جو سنڌي ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هنن پ پ اعلي’ قيادت کان مطالبو ڪيو ته پ پ جي مقامي ڳوٺن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ڌارين کي بنيادي سهولتو فراهم ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو،

پهنجو تبصرو موڪليو