سنڌي فنڪار حب علي آپريشن دوران فوت ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جو مشهور گلوڪار ۽ نوحه خوان حب علي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. هو دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل هو، جتي دل جي بند وال جي آپريشن دوران لاڏاڻو ڪري ويو. حب علي پنهنجي سڄي ڄمار گلوڪاري جي فن کي ارپي، سندس آخري وقت انتهائي مشڪلاتن ۾ گذريو.

پهنجو تبصرو موڪليو