جروار (رپورٽ محمد بخش گبول)سنڌ جي مھان صوفي راڳي شھيد ڀڳت ڪنور رام جي 81 هين ورسي ڀڳت ڪنوررام جي جنم آستان ۾ ملهائي ويئي. ان موقعي تي ڀڳت ڪنوررام جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي ويئي ,ڀڳتن طرفان راڳ پيش ڪيا ويا ۽ اسڪولي شاگردن ڀڳت ڪنوررام جي زندگي تي ٽيبلو پيش ڪيا.
صوفي راڳي ڀڳت ڪنوررام جي ورسي ان جي جنم آستان ۾ ملهائي ويئي ورسي جي تقريب ۾ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کان عقيدتمند پهتا ۽ڀڳت ڪنوررام کي ڀيٽا پيش ڪئي ورسي تقريب ۾ قومپرست اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ ۽ ڪمال مهر موقعي تي ڳالھائيندي اڳواڻن سچانند ڪيلاش راء ۽ٻن چيو ته شھيد سنڌ صوفي راڳي ھيو. ان امر ڪردار کي اسان صدين تائين ياد ڪنداسين ء شاھ عنايت وارا نعرا شاھ، سچل جون وايون ۽ سائين جي ايم سيد جو پيغام پوري عالم انسانيت لاء محبت ۽ امن وارو پيغام آھي.










