سم نالو پاڻي جي لپيٽ ۾،5 فٽ پاڻي بيٺل،گهر ڊهي پٽ،انتظاميه غائب

سم نالو پاڻي جي لپيٽ ۾،5 فٽ پاڻي بيٺل،گهر ڊهي پٽ،انتظاميه غائب

گمبٽ(ن س) گمبٽ لڳ ڳوٺ لڙھي سم نالي جي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو ڳوٺ ۾ 4کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آهي سم نالي جي پاڻي سبب 80 سيڪڙو ڳوٺاڻن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن خبر موجب گمبٽ لڳ ڳوٺ لڙھي سم نالي جي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو ڳوٺ ۾ 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آھي سم نالي جي پاڻي سبب 80 سيڪڙو ڳوٺاڻن جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا انتظاميا پاڻي نيڪال نه پئي ڪرائي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته راشن ٽينٽن جي ضرورت نه آهي ھنن سنڌ حڪومت ڪمشنر سکر ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته صرف سم نالي جو پاڻي ڪڍرايو وڃي وڃي ته جيئن اسان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي سگھئون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو