اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سمورن بلدياتي کاتن جا فنڊز منجمد ڪري ڇڏيا، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مقامي حڪومتون رڳو سينيٽيشن ۽ صفائي وارا ڪم سرانجام ڏينديون،اليڪشن چيو آهي ته ڪنهن به بلدياتي ترقياتي اسڪيم جو اعلان نه ڪيو ويندو ۽ نه ان تي ڪم ڪيو ويندو، نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مقامي حڪومتون ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊز عام چونڊن جا نتيجا اچڻ تائين ٽينڊرز به جاري نه ڪري سگهندا.










