اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) موبائل سمز جي غيرقانوني استعمال کي روڪڻ ۽ سمز کي بلاڪ ڪرڻ جي لاءِ منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، ٽن مرحلن ۾ موبائل سمز کي بلاڪ ڪيو ويندو. رپورٽ موجب موبائل سمز کي بلاڪ ڪرڻ بابت پي ٽي اي منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، پي ٽي اي نادرا کان صارفين جو ڊيٽا به حاصل ڪري ورتو آهي ٽن مرحلن ۾ موبائل سمز کي بلاڪ ڪيو ويندو.پهرين مرحلي ۾ جعلي ايڪسپائر ٿيڻ واري سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ سمز کي بلاڪ ڪيو ويندو. ٻئي مرحلي ۾ ايڪسپائر سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ ٿيل سمز کي فوري طور تي بند ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي نالن تي رجسٽرڊ سمز کي بلاڪ ڪيو ويندو. ان حوالي سان پي ٽي اي طرفان صارفين کي آگاهي ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي پي ٽي اي صارفين کي آگاهي ڏيڻ جي لاءِ اخبارن ۾ اشتهار به ڏنو ويندو.پيغامن ۾ سمز جي فعاليت کي يقيني بنائڻ جي لاءِ صارفين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ نادرا مان جاري ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. سمز کي مرحليوار بلاڪ ڪرڻ جو عمل 16 آگسٽ کان شروع ٿيندو. بلاڪ ٿيل سمز جي ٻيهر بحالي لاڳاپيل موبائل آپريٽرز جي سينٽر تي بائيو ميٽرڪ جي تصديق سان ڪئي ويندي. پي ٽي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته موبائل سمز جو غيرقانوني استعمال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي.










