سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ خصوصي سيل قائم ڪبو

سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ خصوصي سيل قائم ڪبو

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري آمريڪي پاڪستانين جي وطن سان محبت کي خراج تحسين پيش ڪندي اعلان ڪيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي وطن ۾ پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ سنڌ جي گورنر هائوس ۾ هڪ خصوصي سيل قائم ڪيو ويندو جنهن جي نگراني لاءِ 19 گريڊ جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي رياست ٽيڪساس جي مني ڪراچي قرار ڏنل شهر هيوسٽن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي آجياڻي واري خطاب ۾ ڪيو آجياڻي جو اهتمام ممتاز بزنس مين تنوير احمد، ڪميونٽي اڳواڻ سعيد شيخ، ڊاڪٽر آصف قدير ۽ عذير حسين ڪيو هوجنهن ۾ پاڪستان جو قونصل جنرل آفتاب چوڌري، مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سميت شهر جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي گورنر هيوسٽن ۾ مصروف ڏينهن گذاريو هن پاڪستاني ڪميونٽي جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ان جي بحالي ۾ اورسيز پاڪستانين جي ڪردار رمضان ۾ گورنر هائوس ۾ عوامي افطار جي اهتمام جا مقصد ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي گورنر چيو ته آجياڻي تي هيوسٽن جي پاڪستاني ڪميونٽي جو ٿورائتو آهيان هن چيو ته اورسيز پاڪستاني قوم جو اثاثو آهن ملڪ جون معاشي حالتون اسان سڀني جو ڌيان چاهين ٿيون هن چيو ته پاڪستان اسان کي عزت شهرت، مقام ڏنو آهي هي وقت ملڪ جي مدد ڪرڻ جو آهي ڪامران خان ٽيسوري چيو ته آدمشماري تي اسٽيڪ هولڊرز کي خدشا آهن صوبي جي ترقي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا جاري آهن هن چيو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ اوليتي بنيادن تي قدم کڻي رهيو آهيان هن چيو ته 50 هزار نوجوانن کي آئي ٽي جون تربيتي جون تياريون جاري آهي هتان کان واپسي تي هي پروگرام شروع ڪندس گورنر چيو ته رمضان ۾ عوامي سحر ۽ افطار جو مقصد رهواسين جي مسئلن سان آگاهي فراهم ڪرڻ هو عيد کان هڪ ڏينهن اڳ عوام لاءِ عيد گڏجاڻي پارٽي ۽ رات جي ماني جو به اهتمام ڪيو افطار ۾ ماڻهو پنهنجا مسئلا کڻي آيا رمضان ۾ 3 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهن گورنر هائوس جي عوامي افطار ۾ شرڪت ڪئي ڪامران خان ٽيسوري چيو ته عوام حڪمرانن کي پنهنجي وچ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ته جيئن کين مسئلا ٻڌائي سگهجي مسئلا ٻڌڻ سان ئي اهي حل ٿي سگهن ٿا هن چيو ته عوام ڪنهن به مسئلي لاءِ گورنر هائوس جي هيلپ لائين 1366 تي فون ڪري سگهي ٿو جڏهن ته منهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي به مسئلا ٻڌائي سگهجن ٿا قونصل جنرل آفتاب چوڌري هيوسٽن ڪراچي سسٽر سٽي ايسوسيئيشن جوصدر سعيد شيخ ۽ تنوير احمد به تقريب کي خطاب ڪيو ان کان اڳ هيوسٽن آمد تي قونصل جنرل آفتاب چوڌري ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ميمبرن سنڌ جي گورنر جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو