سليم جان مزاري ۽ رئوف کوسو خلاف نيب جو ريفرنس داخل

سکر(جیرام داس) نيب سکرڪشمور تعلقي جي اڳوڻي ناظم  ايم پي اي حاجي عبدالرئوف کوسو ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي جي اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان مزاري سميت 14 ڄڻن مٿان ھيرا ڦيري ڪري 55 ايڪڙ زمين ڦٻائڻ جي جاچ مڪمل ڪري ريفرنس احتساب عدالت ڏانھن موڪلي ڇڏيو آھي. مٿن الزام آھي ته سليم جان مزاري جڏهن ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي جو ضلعي ناظم ۽ رئوف کوسو تعلقي ناظم هو تڏهن سرڪاري عملدارن سان ملي ڪشمور شهر ۾ قيمتي سرڪاري زمين مان 55 ايڪڙ رئوف کوسي جي نالي ڪئي وئي هئي, جنھن سان قومي خزاني کي هڪ ارب 10 ڪروڙ جو نقصان ٿيو، ريفرنس ۾ سهولتڪار طور عبدالباقي، عبدالباسط سميت 14 ڄڻن کي شامل ڪيو ويو آھي، ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 6 آگسٽ مقرر ڪئي وئي آھي ۽ فهيم الله وڳڻ کي نيب پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو