اسلام آباد(بيورو روپورٽ) نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر طاهر بزنجو چيف اليڪشن ڪمشنر جي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته بلوچستان ۾ حقيقي عوامي نمائندن کي شڪست ڏني وئي، صوبي ۾ ٻن پارٽين جي آشيرواد سان منشيات فروش ۽ لينڊ گرابرن کي اسيمبلي ۾ آندو ويو. هن سوال اٿاريو ته ڇا عدليه کي پي ٽي آءِ جو نشان هٽائڻ جو حق آهي؟ ڇا اهڙين ڌانڌلي وارين چونڊن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ استحڪام ايندو؟ طاهر بزنجو مطالبو ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي گرفتار ڪري آئين جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي وڃي.هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي ملتوي ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد به چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.اليڪشن ڪميشن غداري ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن عوام کان معافي گهري، چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن قوم کان معافي وٺي استعيفيٰ ڏئي.سينيٽر مشتاق احمد چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر 3 ڏينهن کان بند آهي، دال ۾ ڪجهه به ڪارو ناهي، سڄي دال ڪارا آهي، ٽوئيٽر تي پابندي تعليمي ۽ معاشي نقصان جو سبب بڻجي رهي آهي.ان کان علاوه هن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي سطح تي بااختيار جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ بااختيار جڊيشل ڪميشن فارم 45 جي معاملي جي جاچ ڪري.










