سلطان جوهر هاڪي ڪپ، برطانيه هٿان پاڪستاني جونيئر ٽيم کي شڪست

سلطان جوهر هاڪي ڪپ، برطانيه هٿان پاڪستاني جونيئر ٽيم کي شڪست

جوهر بارو (ويب ڊيسڪ)سلطان آف جوهر هاڪي ڪپ ۾ گريٽ برطانيه پاڪستان جونيئر هاڪي ٽيم کي 5 گولن سان 1-5 سان شڪست ڏني، ملائيشيا جي جوهر بارو ۾ جاري سلطان آف جوهر ڪپ ۾ گريٽ برطانيه شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. انهن جي رانديگرن پهرين ڪوارٽر ۾ ٽي گول ڪري ٽيم جي پوزيشن کي مضبوط ڪيو، جنهن ۾ هينري مرڪهم ٻه ۽ جوني هيبٽ هڪ گول ڪيو، ٻئي ڪوارٽر ۾، سفيان خان پينلٽي ڪارنر اسڪور ڪري خسارو گهٽايو، پر ان کان پوءِ، پاڪستان جونيئر ٽيم ڪو به گول نه ڪري سگهي،پاڪستاني ٽيم ڏنل پينلٽي اسٽروڪ جو فائدو نه وٺي سگهي، جيڪو سفيان خان ضايع ڪيو.ٽئين ڪوارٽر ۾ ڪو به گول نه ٿيو، ۽ آخري ڪوارٽر ۾، گريٽ برطانيه ٻه وڌيڪ گول ڪري 5-1 جي اسڪور سان فتح حاصل ڪئي.پاڪستاني ٽيم اڱاري تي روايتي حريف هندستان خلاف ٽيون ميچ کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو