سلامتي ۽ دفاع بابت اربين روپين جي گرانٽس جي منظوري

سلامتي ۽ دفاع بابت اربين روپين جي گرانٽس جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) اڱاري جي ڏينهن پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع بابت گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي.ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب اي سي اي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص مددگار، سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل شعبن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اي سي سي پاڪستان جي سيڪيورٽي فريم ورڪ، دفاعي صلاحيتن، غذائي تحفظ ۽ پيٽروليم سيڪٽر جي آپريشنز کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي اسٽريٽجڪ گرانٽس ۽ اصلاحات جي منظوري ڏني.وزارت موجب 10 ڪروڙ 3 لک روپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ وفاقي سول آرمڊ فورسز جي استعمال ۾ ايندڙ دفاعي اوزارن جي مرمت جي لاءِ منظور ڪئي وئي.اهڙي طرح 84 ڪروڙ 15 لک 60 هزار روپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ بارڊر مينجمينٽ ۾ بهتري، اندروني سيڪيورٽي ۽ امن امان جي لاءِ منظور ڪئي وئي. جڏهن ته دفاعي سروسز جي منصوبن جي لاءِ 50 ارب روپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي.اي سي سي پاڪستان ايگريڪلچر اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن کي ختم ڪرڻ جو عمل اڳيان وڌائڻ جي لاءِ هڪ نئين خصوصي ڪمپني(اسپيشل پرپزوهيڪل) قائم ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو، جنهن جو شروعاتي ادا ٿيل سرمايو 10 لک روپيه هوندو. انهي کان علاوه آف شور تيل، گيس جي ڳولا ۾ پرڏيهي شرڪت جي حوصله افزائي قدمن، خاص طور تي لائسنس ۾ واڌ ۽ ورڪنگ انٽرسٽ جي الاٽمنٽ جي به منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو