ملير ( شهزادو مستوئي) تعليم ۽ پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني پاران ملير جي قائد آباد گرلز ڪاليج، جوڳي موڙ ڪاليج، رزاق آباد، ميمڻ ڳوٺ ۽ ٻين ڪاليجن جو اوچتو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڪراچي تعليم کاتي جا ڪامورا ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير جڏهن قاعد آباد ايٽ جوڳي موڙ ملير ڪاليج پهتو ته ڪاليج جي پرنسپل سميت ڪيترائي استاد حاضر ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ کين شاباش ڏني جڏهن ته شاگردن جي اڻ هوند ڏسي صوبائي وزير استادن کي هدايت ڪئي ته شاگردن جي مائيٽن سان گڏجاڻي ڪري شاگردن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي. صوبائي وزير رزاق آباد پهتو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاگرد موجود هئا جتي هن پاڻ اسيمبلي ڪرائي ۽ تدريسي جي عمل جو به جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير پرنسپل ۽ استادن کي هدايت ڪئي ته ڪو به ڊيوٽي جي ادئيگي ۾ سستي لاپرواهي نه ڪري سندن جائز مسئلا هر حال ۾ حل ڪيا ويندا اسان کي بند ڪمرن مان نڪري مختلف علائقن م مائٽن سان ملي شاگردن جي حاضري سان گڏ گهٽ داخل جي خلا کي ڀرڻ گهرجي. هن چيو ته آئون هر وقت اوچتو دورا ڪندس جيڪڏهن ڪير به دير سان ايندي يا غير حاضر مليو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.










