سعودي  پاران گوادر ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو امڪان

سعودي پاران گوادر ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو امڪان

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب گوادر ۾ آئل ريفائنري قائم ڪرڻ لاءِ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، سعودي آرامڪو پاڪستاني ڪمپنين سان گڏجي هڪ ريفائنري قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.پاڪستاني ڪمپنين ۾ پي ايس او، او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل ۽ جي ايڇ پي ايل شامل آهن، جن جو منصوبي ۾ 40 کان 45 سيڪڙو حصو هجڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل آئل ريفائنري جي روزاني پيداواري صلاحيت 400,000 بيرل تائين ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته منصوبي کي 20 سالن جي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جو تجويز آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو