سعودي پاران ايراني هٿيارن جا ثبوت پيش، آمريڪا جون وڌيڪ پابنديون

واشنگٽن/ رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي وزارت دفاع پاران تيل تنصيبات تي ٿيل حملن ۾ استعمال ڪيل ميزائيل ۽ ڊرونز جا ٽڪڙا صحافين کي ڏيکاريندي چيو آهي ته هي ايران جي هٿيارن جا ناقابل ترديد ثبوت آهن. سعودي دفاع واري کاتي جي ترجمان ڪرنل ترڪي المالڪي صحافين کي ٻڌايو ته هي حملو ايران جو اسپانسرڊ آهي ۽ اتر طرف کان ڪيو ويو آهي. محطاط الزام هڻندي سعودي نمائندي اهو نه ٻڌايو ته حملو ايران مان ڪيو ويو آهي يا نه. هوڏانهن آمريڪي صدر ٽرمپ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻه اهم اعلان ڪيا آهن. هڪ ايران تي وڌيڪ اقتصادي پابنديون مڙهڻ بابت ۽ ٻيو پنهنجو نئون قومي سلامتي جو مشير نامزد ڪرڻ بابت آهن. هن ٻڌايو ته پرڏيهي کاتي کي هن چيو آهي ته ايران تي وڌيڪ پابنديون هڻو پر اهو ناهي ٻڌايو ته انهن جي نوعيت ڇا هوندي، ڇو ته اڳ ۾ ئي ايران تي پابنديون مڙهيل آهن. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پابندين کي رد ڪندي چيو آهي ته ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير جي اقوام متحده جي جنرل اسمبلي اجلاس ۾ شرڪت مشڪوڪ آهي چو ته اڃا آمريڪا ويزا جاري ناهن ڪيون. صدر ٽرمپ اغوا ڪارن سان ڳالهين واري شعبي جي انچارج رابرٽ سي اوبرائن کي قومي سلامتي جو مشير نامزد ڪيو آهي. هن چيو ته هو زبردست ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. ياد رهي ته پوئين هفتي عقابي سوچ واري ان عهدي تي تعينات مشير جان بولٽن کي طالبان سان ٿيل خفيه ڳالهيون لڪائڻ ۽ هر معاملي کي طاقت سان سلجهائڻ جي مسلسل حمايت ڪرڻ جي بنياد تي هڪدم کيس هتائي ڇڏيو هو.  

پهنجو تبصرو موڪليو