سعودي ويندڙ مسافرن لاءِ پوليو ويڪسين سرٽيفڪيٽ لازمي قرار

سعودي ويندڙ مسافرن لاءِ پوليو ويڪسين سرٽيفڪيٽ لازمي قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) سعودي عرب ويندڙ مسافرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايئرپورٽ وڃڻ وقت پوليو ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ضرور کڻي اچن ته جيئن ڪنهن به پريشاني کان بچي سگهجي، ٻئي صورت ۾ سفر جي اجازت نه ڏني ويندي. پي آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سعودي حڪومت پاران پوليو ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ بابت جاري ڪيل نون هدايتن جي روشني ۾ سعودي عرب ويندڙ مسافرن کي گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪجهه مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پر هاڻي سعودي حڪومت سعودي عرب ويندڙ مسافرن لاءِ پوليو ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب وڃڻ وارو هر مسافر، چاهي هو عمري، اقامت يا ڪنهن به مقصد لاءِ وڃي رهيو هجي، ان لاءِ پوليو ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻ لازمي آهي. هن چيو ته سعودي عرب ويندڙ سمورن مسافرن کي گذارش آهي ته ايئرپورٽ پهچڻ کان اڳ پنهنجا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ کڻي اچن. ترجمان موجب سعودي عرب جي ڪنهن به هوائي اڏي تي 12 ڪلاڪ کان گهٽ وقت ٽرانزٽ ۾ وارن مسافرن کي ان کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.سرٽيفڪيٽ حڪومتي يا ڪنهن به نجي اسپتال جو قبول هوندو پر ان تي ٺپو لازمي هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو