ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته سعودي عرب جي ويزن 2030 مان گهڻو ڪجهه سکي سگهجي ٿو، سعودي سيڙپڪارن ۽ اوورسيز چيمبر آف ڪامرس کي ورچوئلي خطاب ڪندي وزير خرانا محمد اورنگزيب چيو ته سعودي سيڙپڪارن جو پاڪستان ۾ ڀليڪار ڪيون ٿا، سعودي ويزن 2030 دنيا ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي دفاعي معاهدي جي منظوري ڏني آهي، هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري. حڪومت جي ڪوششن جي مهرباني، ملڪ معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي. سڀئي معاشي اشارا مثبت رجحان ڏيکاري رهيا آهن. ٽن وڏين ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي معاشي اشارن کي مثبت قرار ڏنو آهي، محمد اورنگزيب چيو ته اسان توانائي ۽ ٽيڪس سميت ٻين معاشي شعبن ۾ بنيادي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهيون. سڌارن جو عمل لاڳاپيل ڌرين سان صلاح مشوري سان اڳتي وڌي رهيو آهي. اسان برآمد تي ٻڌل معاشي ترقي لاءِ پرعزم آهيون. اسان ڪيش ليس معيشت ڏانهن وڌي رهيا آهيون. ڊجيٽلائيزيشن معيشت ۾ شفافيت آڻيندي، ناڻي واري وزير چيو ته هو اڄ رات آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس لاءِ واشنگٽن روانو ٿيندو، ٻوڏ متاثرين جي بحالي جو چئلينج سامهون اچي رهيو آهي.










