سعودي فرمانروا جي نواز۽ شهباز کي عمري جي دعوت

سعودي فرمانروا جي نواز۽ شهباز کي عمري جي دعوت

لاهور(ويب ڊيسڪ)سعودي شاهي اختيارين نواز شريف سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف کي به عمري جي دعوت ڏئي ڇڏي.نواز شريف رمضان جا آخري ڏهه ڏينهن سعودي عرب ۾ گذاريندو، نواز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان جي دعوت تي عمري لاءِ ويندو.پارٽي ذريعن موجب اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سعودي عرب ۾ شاهي مهمان هوندو، شاهه سلمان جي دعوت نواز شريف ايندڙ هفتي سعودي عرب ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ سندس گهرڀاتي يارنهن اپريل تي خاص جهاز ۾ سعودي عرب ويندا، اڳوڻو وزيراعظم سعودي عرب ۾ شاهي مهمان هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو