سعودي ۾ فوجي مشقون، پاڪستان، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي شرڪت

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ۾ ٿيندڙ فوجي مشق ”رمح النصر“ ۾ پاڪستان، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن شرڪت ڪئي.سعودي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته فوجي مشقن ۾ ڪيترن ئي برادر ۽ دوست ملڪن جا فوجي دستا حصو وٺندا.پاڪ فوج جا جوان رمح النصر فوجي مشقن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايئر وار سينٽر پهچي ويا.مشقن ۾ سعودي هٿياربند فوج جون سڀئي شاخون، نيشنل گارڊز جي وزارت ۽ اسٽيٽ سيڪيورٽي پريزيڊنسي جا فوجي يونٽ حصو وٺندا.سعودي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته جي سي سي، آمريڪا، برطانيا، پاڪستان، يونان ۽ اردن جا فوجي جوان رمح النصر مشقن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته رمح النصر کي ڪاميابي جو تير سڏيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو