سعودي عرب کي ايران جو دشمن قرار ڏيڻ قبول ناهي: ايراني صدر

سعودي عرب کي ايران جو دشمن قرار ڏيڻ قبول ناهي: ايراني صدر

تحران (ويب ڊيسڪ)ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته سعودي عرب کي ايران جو دشمن يا ايران کي سعودي عرب جو دشمن چوڻ ناقابل قبول آهي.سيرين نيوز ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته ايران ۽ سعودي عرب ٻه وڏا ملڪ آهن جن جا لاڳاپا خطي ۾ وڏي تبديلي آڻيندا.ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته شامي صدر بشار الاسد آمريڪي اتحاد ۽ اسرائيل خلاف جنگ وڙهي آهي.هن چيو ته آمريڪا ۽ ان جي حوارين شام کي ورهائڻ جي وڏي سازش ڪئي آهي، آمريڪا داعش ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ ٺاهڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو