سعودي عرب پاران ويڪسينيشن تي عارضي طور بندش

سعودي عرب پاران ويڪسينيشن تي عارضي طور بندش

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ڪورونا وائرس جي برطانوي ويڪسين آڪسفورڊ آسٽرازينيڪا جي ويڪسينيشن کي روڪڻ جي عمل کي عارضي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.عرب ميڊيا موجب سعودي صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آڪسفورڊ آسٽرازينيڪا ڪورونا وائرس ويڪسين کي صرف يورپي ملڪن تحفظ يقيني بنائڻ جي لاءِ روڪيو آهي. جڏهن ته ويڪسين کي روڪڻ جو عمل عارضي ۽ پهرين کان اختيار ڪيل احتياطي تدبيرن جي تحت آهي جيڪو عام طور تي ويڪسينز سان ڪيو ويندو آهي.سعودي صحت واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اسان ان ڳالهه جو يقين ڏياريون ٿا ته اهي ملڪ جنهن آسٽرازينيڪا جو استعمال ترڪ ڪري ڇڏيو هو اهي هاڻ ان جي محفوط ٿيڻ جي تصديق کان پوءِ ان تي واپس اچي چڪا آهن. ترجمان جو چوڻ هو ته اسان اها تصديق ڪريون ٿا ته سعودي عرب م ويڪسينز محفوظ ۽ موثر رهندي.عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ جمعي جي ڏينهن ڪورونا  وگهي وڌيڪ  6 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 6656 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 360 نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ ٽوٽل ڪيسن جو انگ 3 لک 81 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو