اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سعودي عرب حاجين کي مفت آب زم زم ڏيڻ جي سهولت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هن سال کان پيسن تي ڏنو ويندو. مذهبي معاملن واري وزرات حاجين کان ايڊوانس رقم وصول ڪري رهي آهي. هر حاجي کي پنج لٽر پاڻي پاڪستان پهچڻ تي ملندو، هر حاجي 15 ريال ادا ڪندو. هن سالن پاڪستان مان هڪ لک 79 هزار 210 پانڌيئڙا روانا ٿيندا. جيڪي آب زم زم تي 20 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ رقم ادا ڪندا. گذريل سال دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ تقريبن 10 لک مسلمانن حج ادا ڪيو هو. جيڪڏهن هن سال به نمبر ساڳيو رهيو ته ان حساب سان سعودي عرب کي ڏيڍ ڪروڙ ريال آمدني ٿيندي. پاڪستان في ريال 75 روپين جو آهي ۽ رڳو آب زم زم جي رقم هڪ ارب ساڍا ٻارنهن ڪروڙ روپيا ٿئي ٿي.










