سعودي عرب جو مشروط طوراسرائيل سان لاڳاپن تي راضپو

بحرين(ويب ڊيسڪ)بحرين ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو ته ”اسان هميشه اسرائيل سان معمول جي تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.فيصل بن فرحان چيو ته اسرائيل کي خطي ۾ جڳهه جي ضرورت آهي ۽ پائيدار جي لاءِ هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي ضرورت آهي.سعودي عرب جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ، وڌيڪ چيو ته هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام خطي ۾ حقيقي امن آڻيندو. ياد رهي ته سعودي عرب اڳ ۾ چئي چڪو آهي ته هو 2002 ۾ عرب امن معاهدي تي عمل درآمد ۽ آزاد فلسطيني رياست جي قيام کانپوءِ ئي اسرائيل سان سفارتي تعلقات قائم ڪندو.عرب امن معاهدي مطابق ، اسرائيل کي 1967 ۾ جنگ کان اڳ واري حدن تي واپس وڃڻو پوندو.ياد رکڻ گهرجي ته تازو ئي وقت ۾ 3 عرب ملڪ ، متحده عرب امارات ، بحرين ۽ سوڊان اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪري چڪا آهن ۽ سعودي عرب جي حوالي سان مختلف افواه گردش ڪري رهيا آهن.تازو ئي ، سعودي عرب ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي وچ ۾ ڳجهي ملاقات جون خبرون آيون آهن ، پر سعودي عرب انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو ، پر اسرائيلي ميڊيا خبر جي صحيح هجڻ جي تصديق ڪئي.



پهنجو تبصرو موڪليو