تحران (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جلد تهران ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ايران جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي ايراني هم منصب سان ملاقات ڪئي.ٻنهي ملڪن نار جي خطي ۾ بحري سيڪيورٽي کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سمورن علائقائي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏنو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته خطي کي تباهي جي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي.ان کان علاوه سعودي پرڏيهي وزير ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته شاهه سلمان ايراني صدر جي دوري جا منتظر آهن.ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته اسرائيل سميت مسلمانن جا دشمن ايران ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کان ناخوش آهن.










