سعديه خان کي دبئي جي گولڊن ويزا ملي وئي

دبئي(شوبزنيوز)پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل سعديه خان کي دبئي جي گولڊن ويزا ملي وئي آهي.سعديه خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن جي هٿ ۾ پاسپورٽ آهي.اداڪارا پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته مون کي گولڊن ويزا ڏيڻ تي يو اي اي حڪومت ۽ ان جي ترقي پسند اڳواڻن جا ٿورائتا آهيون.هن لکيو ته هن شاندار ۽ پرامن ملڪ ۾ 10 سالن تائين رهڻ هڪ خواب هو. سعديه خان وڌيڪ لکيو ته حقيقت ۾ اها ڳالهه مون کي هڪ مهينو اڳ ملي هئي پر دير سان پوسٽ ڪرڻ تي معذرت خواهه آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو