سستو اٽو فراهم نه ڪندڙ فلور ملز سيل ٿيندي، ڊي سي

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير)  ضلعي انتظاميه پاران قائم ڪيل سستي اٽي جي اسٽالن کي اٽو فراهم نه ڪندڙ مل سيل ٿيندي، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران حڪمن کي نظرانداز ڪندڙ ملن مٿان ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ضلعي جي عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شاهد شاه، سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڊي ايف سي سميت فلور ملز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته ضلعي جي مختلف شهرن ۾ سستي اٽي جا اسٽال قائم ڪرڻ جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي پر ڪجهه علائقن مان شڪايتون ملنديون رهن ٿيون ته سستو اٽو من پسندن کي فراهم ڪيو پيو وڃي انڪري اهڙي صورتحال ڪنهن به ريت برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي. ان موقعي تي هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ قائم ٿيل اسٽالن جي سخت نگراني ڪن ۽ شفاف طريقيڪار کي يقيني بڻائي ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ هو پاڻ به مختلف اسٽالن جو اوچتو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺندو ته جيئن عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو ملي سگهي. گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر فلور ملز جي نمائندن کي تنبيهه ڪندي چيو ته لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر جي هدايتن تحت هر هڪ فلور مل 10 ڪلو وارا 7 کان 9 سئو ڪٽا ضلعي انتظاميه جي اسٽالن تي فراهم ڪري ته جيئن اٽي جي کوٽ پيدا نه ٿئي ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه جي حڪمن کي نظرانداز ڪندڙ مل کي سيل ڪري مٿس ڳرو ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويندو. واضع رهي ته ضلعي انتظاميه جي اسٽالن تي عوام کي 40 روپيا في ڪلو جي حساب سان سستو اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو