لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي جي ڪيسن ۾ سزا يافته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت لاهور گذريل ڏينهن ٻن ڪيسن ۾ ڏنل فيصلي جي تفصيل جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ شادمان پوليس اسٽيشن کي باهه ڏيڻ به شامل آهي.عدالتي فيصلي موجب، عدالت سڀني ڏوهارين کي سخت قيد جي سزا ٻڌائي ۽ حڪم ڏنو ته ڏوهارين کي سڀئي سزائون هڪ ئي وقت گذارڻيون پونديون.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن اعجاز چوڌري، محمود الرشيد، عمر سرفراز ۽ ياسمين راشد جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.ٻئي طرف، عدالت 9 مئي جي ٻن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.










