ٺل(عبدالنبي شيخ)ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ، اغوا ٿي ويل نينگر جي بازياب نه ٿيڻ ۽ پورهيت فيض محمد چنو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. مقتول سرڪي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج کي 194 ڏينهن ٿي ويا آهن پر پوليس واعدن جي باوجود اصل قاتل گرفتار ڪري نه سگهي آهي. اربع تي ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي قتل ٿيل ايس يو پي ڪارڪن ۽ شڪارپور سوئيٽس بيڪري مالڪ قائم الدين سرڪي جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي عرف ڳاڙهو ٻرڙو ۽ طالب ٻرڙو کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي.احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي،مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي پيءُ شرف الدين سرڪي،ڀاءُ امام الدين سرڪي،جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن مفتي نظام الدين بنگلاڻي،آصف جوش ٻرڙو، بهار ڊول،ارشاد نوناري ۽ ٻين چيو ته 7 مهينا اڳ ڀتي خور جوابدارن پاران ڀتو نه ڏيڻ تان ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو پر افسوس جو هن مهل تائين ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار ناهن ٿيا. هنن چيو ته پوليس ڪيس کي لوڙهڻ چاهي ٿي.***ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد اسماعيل کوسو مان اغوا ٿي ويل نينگر حافظ الطاف حسين کوسو ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد نه ٿي سگهيو آهي،نينگر جي بازيابي جي لاءِ پوليس پاران ڪوبه قدم ناهي کنيو ويو،مغوي نينگر جي بازيابي جي لاءِ احتجاج جو سلسلو هلندڙ آهي.

سندس والد حبيب الرحمان کوسو پريس ڪلب اڳيان بينر کڻي احتجاج ڪيو. مغوي جي والد ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي ست سال اڳ اغوا ڪيو ويو پر هن مهل تائين مغوي کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي،مان جوابدارن جي نشاندهي ڪئي پر تنهن جي باوجود پوليس جوابدارن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي،جوابدارن ۾ پوليس عملدار پڻ شامل آهن.*** ساڍا پنج سال اڳ وياج جي رقم واپس نه ڪرڻ تي قتل ڪيل پورهيت فيض محمد چنو جي پوڙهي ماءُ سان پوليس انصاف نه ڪري سگھي آهي جنهن ڪري پٽ جا قاتل قانون جي گرفت کان آجا بڻيل آهن.

ان حوالي سان پوڙهي ماءُ غلام فاطم چنو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته قاتل پوليس اهلڪار هجڻ جي ڪري ٻين پٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حراسان ڪري رهيا آهن.










