ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ايمپلائيز الائنس جي مرڪزي چيئرمين حاجي اشرف خاصخيلي ۽ ورڪنگ سينٽرل ڪميٽي اتحاد پاران شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ جي ٽئين مرحلي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جيڪو 27 سيپٽمبر تي ختم ٿيڻو هو حيدر آباد ۾ ٿيل مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس ۾ صلاح مشوري کانپوءِ هن مرحلي کي 6 آڪٽوبر تائين وڌائڻ جو اعلان ڪندي هن سڄي سنڌ جي ملازمن کي چيو ته هو سڀني جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيندو ته توهان ڊويزنل احتجاج ۽ لاڪ ڊائون منظم ڪيو هاڻ اهو 6 آڪٽوبر تائين جاري رهڻو آهي ،اسان کي پنهنجو حوصلو بلند رکڻو آهي،سنڏ ايمپلائيز الائنس جي چيئرمين حاجي اشرف خاصخيلي ۽ سينٽرل ڪميٽي سومر 29 سيپٽمبر ۽ اڱارو 30 سيپٽمبر تي سنڌ جي سڀني ضلعن جي پريس ڪلبن جي سامهون چار چار ڪلاڪن جي علامتي بک هڙتال ڪيمپ لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ سڀئي تنظيمون ڀرڀور شرڪت ڪنديون ،6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس اعلانيل احتجاج ڪيو ويندو، سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ احتجاجي جاري آهن ان ڏس ۾ منظور آباد،سکر،روهڙي،خانپور مهر،ٺڪراٺو،سيوهڻ،حيدر آباد،ميرپورخاص،نوابشاهه سميت ٻين احتجاج ڪيو ويو،دادو ۾ پڻ سنڌ ايمپلائیز جي سڏ تي سرڪاري ملازمن پاران هڪ وڏي موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف کاتن جي سرڪاري ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ ريلي لاڙڪاڻي روڊ تان شروع ٿي دادو پريس ڪلب پهتي، جتي شهر ۾ زبردست رش ۽ ملازمن جي وڏي ۾ وڏي گڏجاڻي ڏسڻ ۾ آئي شرڪت ڪندڙ ملازمن هٿن ۾ ڪارا جهنڊا کڻي حڪومت جي سرڪاري ملازمن لاءِ ٿيل فيصلن خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين جو مطالبو هو ته پينشن ڪٽوتي جو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ريلي کي خطاب ڪندي چيئرمين سنڌ ايمپلائیز ضلع دادو منظور پنهوُر چيو ته جيڪڏهن ملازمن جون جائز گهرجون پوريون نه ڪيون ويون ته هي ملازمن جو سمنڊ دادو کان نڪري وزيراعليٰ هائوس ۽ بلاول هائوس تائين وڃي سگهي ٿو هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سموري سنڌ جا ملازم روڊن تي نڪري آيا ته پوءِ حڪمرانن لاءِ انهن کي روڪڻ ممڪن نه رهندو، ريلي ۾ تعليم،صحت، اگريڪلچر،ايريگيشن سميت تمام کاتي جي ملازمن شرڪت ڪئي، گهوٽڪي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي گھوٽڪي ۾ صوبائي کاتي جي آفيسن جي تالا بند ڪري پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.اسڪولن،ڪاليجن،اسپتالن سميت ٻين آفيسن جي تالا بندي جاري مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ ته 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ڌرڻي هڻن جو اعلان ڪيو ويو.خبرموجب سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي تعليم کاتي،ايريگيشن،هيلٿ سميت مختلف کاتن جي ملازمن پاران تعليم کاتي جي استاد محمد بخش عارباڻي،عبدالجبار شاهه،ڊاڪٽر مهتاب حسين سومرو،نور محمد انڊڙ،ارشد لکڻ،خان محمد سومرو،حاجي شير محمد سومرو،سيد زاهد حسين شاه،عبدالرشيد چاچڙ،سعيد احمد شيخ،روي ڪمار،مس پرويز چاچڙ،مس مهيوش،هيلٿ جي اورنگزيب مهر،ڊاڪٽر ثناءِ الله شاهاڻي،باول گهوٽو،لال چند،شاهنواز ميراڻي،ايريگيشن جي لالا قيصر پٺاڻ،قطب الدين ڀٽو،قدير سومرو،۽ ٻين کاتن جي ملازمن جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجن ڏينهن کان سنڌ جي اسڪولن ڪالجنن،اسپتالن جي تالا بندي جاري آهي تدريس بند آهي آفيسن ۾ قلم ڇڏ احتجاج ھلي رھيو آھي پر ان باوجود به سنڌ حڪومت پنهنجي ھوڏ تي قائم آهي ھڪ طرف سنڌ حڪومت پينشن رولز ۾ ترميم ڪري ملازمن جو معاشي قتل ڪيو آهي، پينشن رولز ۾ ڪيل ترميم فوري طور واپس ورتي وڃي.ملازمن وڌيڪ چيو ته ڊسپيئرٽي الائونس گروپ انشورنس ،بينئول فنڊ سنڌ جي ملازمن جو حق آهي اگر سنڌ حڪومت ملازمن جا مطالبا منظور نه ڪيا ته 6 اڪٽوبر تي پوري سنڌ جا ملازم بلاول ھاوس تي ڌرڻو هڻي ويھندا ۽ اھيو ڌرڻو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو. احتجاجي ريلي ۾ سوين ملازمن شرڪت ڪئي.










