سرڪاري ملازمن جون تصويرون شيئر ڪندڙن کي مثالي سزا ڏبي

سرڪاري ملازمن جون تصويرون شيئر ڪندڙن کي مثالي سزا ڏبي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوار الحق سماجي رابطن جي پليٽ فارمز تي چونڊن ۾ ڊيوٽيون ڏيندڙ سرڪاري ملازمن جون تصويرون ۽ ڊيٽا شيئر ڪرڻ تي سختي سان ردعمل ڏنو ۽ انهن کي سخت سزائون ڏيڻ جو اشارو به ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني عوام 8 فيبروري تي واضح مينڊيٽ ڏنو پر ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا کي سرڪاري ملازمن تي دٻاءُ وجهڻ ۽ انهن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته رياست پنهنجا آئيني فرض انجام ڏيڻ ۾ سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي، پرتشدد ٽرولز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي مثالي سزا يقيني بڻائي ويندي، رياست ۽ پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪندڙ انهن عظيم سرڪاري ملازمن سان وابستگي ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو