سريلنڪا مان فرار ٿيل اڳوڻي صدر جي وطن واپسي

سريلنڪا مان فرار ٿيل اڳوڻي صدر جي وطن واپسي

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)سريلنڪا ۾ احتجاج ۽ مظاهرن کانپوءِ ملڪ مان فرار ٿيل اڳوڻو صدر گوتابايا راجاپڪسي وطن واپس پهچي ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 73 ورهين جو اڳوڻو صدر گوتابايا راجاپڪسا جولاءِ ۾ بدترين معاشي بحران کانپوءِ حڪومت خلاف عوامي احتجاج ۽ مظاهرن سبب ملڪ مان فرار ٿي ويو هو. اڳوڻو صدر گوتابايا راجا پاڪسي عارضي ويزا تي ٿائلينڊ ۾ رهي رهيو هو جتان هو پنهنجي وطن واپس آيو آهي. سريلنڪا جي اڳوڻي صدر جي وطن واپسي جي موقعي تي ڪجهه وزيرن اڳوڻي صدر سان ايئرپورٽ تي ملاقات ڪئي ۽ کيس گلدستا پيش ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو