سرهاڙي ٽرين حادثو، ريلوي کاتي جي نااهلي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

سرهاڙي ٽرين حادثو، ريلوي کاتي جي نااهلي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

صاحب خان ڀٽي
انگريز دور ۾ سنڌ اندر ريلوي جو ڄار وڇايو ويو، جيڪواڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ هلي رهيو آهي، ان دور جيڪي پليون ٺهيون اڄ به قائم ۽ دائم آهن، ان ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي، سکر جي پل هجي يا وري ڪوٽڙي بئراج واري پل اڄ ڏينهن تائين مضبوط بيٺيون آهن، اتان ٽرينن جي آمد رفت به هلندي رهي ٿي، پر افسوس جڏهن کان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ اندر اهڙا ڪم ناهن ڪرايا ويا، جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٿيا هئا، هاڻ ته روڊ مڪمل ٺهي ئي نه ٿو ته زبون حالي جو شڪار ٿي وڃي ٿو، پلن جو به اهو ئي حشر آهي، مطلب ته انهن ۾ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويندو آهي.
انگريز دور جون وڇايل پٽڙيون اڄ به ملڪ اندر هلي رهيون آهن، رڳو پٿر اڇلائي پٽڙين کي مٿي ڪيو ويندو آهي پر حقيقت اها ئي آهي ته ريل پٽڙين جي صحيح سار سنڀال نه هجڻ جي ڪري ريل پٽڙين جا نٽ بلٽ ئي نڪري گم ٿي وڃن ٿا پر انهن کي ٻيهر لڳائڻ وارو ڪير به نه هوندو آهي،جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو برقرار رهندو آهي.
گذريل ٻوڏ دوران سنڌ اندر وڏو نقصان ٿيو، جنهن سبب ٽرينن کي به بند ڪيو ويو هو، جنهن سبب سنڌ جي ماڻهن کي سفري سهولت ملي نه سگهي، اڄ به لاڙڪاڻي ۽ دادو جا رهواسي ٽرينن جي سفري سهولت گهري رهيا آهن ته جيئن کين سستي سفري سهولت ملي سگهي، هاڻ ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق موهن جو دڙو ايڪسپريس ۽ ٻيون ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سان مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو.هونئن ته رڳو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي وارن کي ريل گاڏي جي سهولت مليل آهي باقي جتان جتان ٽرين گذري ٿي، انهن ماڻهن کي فائدو ٿيندو آهي، پرٻوڏ کانپوءِ ٽرينن جي بندش سبب سنڌ جي ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو هو.
ڏٺو وڃي ته اها هڪ حقيقت آهي ته ملڪ اندر جيستائين ڪو وڏو جاني نقصان نه ٿيندو آهي، حڪومت پنهنجو اکيون نه کوليندي آهي، ائين هن ڀيري به ٿيو آهي، حڪومت کي خبر آهي ته ريلوي نظام انگريزن جي دور جو آهي، ان باوجود ان ناڪارا سسٽم کي اڄ به هلايو پيو وڃي، ريل پٽڙين جي مرمت يا نيون پٽڙيون وڇائڻ جي حوالي سان ڪا به حڪمت عملي جوڙي نه وئي آهي، جنهن سبب حادثا ٿيڻ جو خدشو برقرار آهي. سرهاڙي سانحي ۾ 35 ڄڻا فوت ۽ سوين ماڻهو زخمي ٿيا، پر هن وقت تائين ريلوي جو کاتو اهو نه ٻڌائي سگهيو آهي ته آخر ڪارڻ ڪهڙيو، ڇا ٽرين حد کان وڌيڪ اسپيڊ ۾ هلي رهي هئي، يا وري پٽڙيون ڪمزور هيون، يا وري پٽڙين جا نٽ بلٽ نڪتل هئا؟ ترجمان کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ضرور ٻڌائڻ گهرجي ها ته آخر مسئلو ڪهڙو هو؟
جيڪڏهن ريلوي کاتي خساري ۾آهي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته عوام جي حياتين سان کيڏيو وڃي، ريلوي کاتي جي انتظاميا کي گهرجي ها ته اڳ ريل پٽڙين جي درست نموني مرمت ڪرائي ۽ پوءِ ريل گاڏين کي ٽريڪ تي آندو وڃي ته جيئن غريب ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن. جيڪڏهن هن وقت به ريلوي کاتي ريل جي پٽڙين جي صحيح نموني سار سنڀال نه لڌي ته ايندڙ وقت ۾ به سرهاڙي جهڙا حادثا ٿي سگهن ٿا.
ريلوي واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته هزارا ايڪسپريس حادثو گهٽ وسيلن جو ڪارڻ آهي، حادثي جي جاچ ڪري رهيا آهن، سبب جو تعين ڪيو ويندو، هاڻ ڪارڻ ڪهڙو به ٻڌايو وڃي پر هڪ ڳالهه سڀني جي سامهون آهي ته ريلوي نظام انگريزن جي دور جو آهي، ملڪ کي 75 سال گذري ويا آهن، اڄ ڏينهن ته نائين ريلوي ٽريڪ ناهي وڇائي وئي، جيڪا پاڪستان کان اڳ ٽريڪ وڇايل آهي، اها ئي هلي رهي آهي، بس ان جي مرمت ڪرائي ويندي رهي آهي، حڪمرانن هر اداري تي خرچ ڪري رهيا آهن پر ريلوي جي نظام جي بهتري لاءِ ڪي به قدم کڻندي نظر نه پيا اچن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ريلوي نظام سان ملڪ کي تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو ۽ ريلوي کاتو ملڪ کي ڪمائي ڏيندڙ کاتو ٿي سگهي ٿو پر ان تي حڪمرانن کي اڳ ۾ خرچ ڪرڻو پوندو، جيستائين ريلوي نظام کي اپگريڊ نه ڪيو ويندو،نئون ٽريڪ نه وڇايو ويندو، تيستائين هي کاتو ائين ئي هلندو رهندو. جيڪو به حڪمران آيو، اهو ئي چوندو ته ريلوي کاتو خساري ۾ وڃي رهيو آهي، پر حقيقت اها ئي آهي ته حڪمران ريلوي کاتي کي هلائڻ لاءِ سنجيده ناهن، جنهن سبب اهو ادارو ڏينهون ڏينهن پوئتي وڃي رهيو آهي. ريل گاڏين سان عوام کي سستي سفري سهولت ملندي آهي ۽ وڏي مقدار ۾ سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل به ڪري سگهجي ٿو، جنهن تي گهٽ لاڳت به اچي سگهي ٿي ۽ روڊن تي هلندڙ ڳرن ٽرالرن کان ڇٽڪارو به ملي ويندو.
وفاقي حڪومت جي اها ذميواري آهي ته عوام کي سستي سفري سهولت فراهم ڪري، ٻين ملڪن ۾ به عوام وڌ کان وڌ ٽرين جو سفر ئي ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ سستي سواري آهي، باقي ٽرانسپورٽرز جا هٿ ٺوڪا ڀاڙا عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏيندا آهن، عيد ڏهاڙو هجي يا ڪو خوشي جو موقعو ٽرانپسورٽر گاڏين جا ڀاڙا وڌائي ڇڏيندا آهن ۽ حڪومت به انهن جو ڪجهه بگاڙي نه سگهندي آهي. هو ٻنهي هٿن سان عوام کي ڦريندا رهندا آهن.
بهرحال وفاقي حڪومت کي وڃڻ ۾ ڪجهه وقت بچيو آهي، ان کان اڳ ئي ٽرين سروس کي اپگريڊ ڪرڻ جواعلان ڪري وڃي ته جيئن ماڻهو محفوظ ۽ سستي سفري سهولت کان محروم نه ٿي سگهن، هونئن به سنڌ ۾ آيل تازين برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ ريلوي ٽريڪ ناڪارا بڻجي ويو آهي، جنهن جي نئين سر مرمت ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ اندر ريلوي ٽريڪ محفوظ بڻجي سگهندي ۽ ڪو حادثو نه ٿي سگهندو ۽ ماڻهو محفوظ سفر ڪري سگهندا. وفاقي حڪومت کي فوري طور سنڌ اندر ريلوي ٽريڪ جو نئون ڄار وڇائڻ گهرجي، جنهن سان ريلوي کاتي کي به فائدو ٿيندو ۽ عوام جاني ۽مالي نقصان کان به بچي سگهندو. نه ته زنگيل ٽرين جون پٽريون ۽ نٽ بلٽ نڪتل ريلوي کاتي جي نااهلي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

پهنجو تبصرو موڪليو