اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو چوڻ آهي ته سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي کي پوري قوت سان چٿيو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير نيشنل ڊيفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) جو دورو ڪيو ۽ نيشنل سڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي گريجوئيٽ آفيسرن کي خطاب ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب، ڪورس ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جا آفيسر شريڪ هئا. آرمي چيف جنگ جي بدلجندڙ نوعيت تي روشني وڌي، جڏهن ته هٿياربند فوج جي صلاحيتن، بلند حوصلي ۽ آپريشنل تيارين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي شريڪن سان گفتگو ڪندي آرمي چيف چيو ته اين ڊي يو جهڙا ادارا مستقبل جي عسڪري ۽ سول قيادت کي هائبرڊ خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ڪري رهيا آهن. آرمي چيف چيو ته دشمن ايجنسين جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ پراڪسي عنصرن جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون ۽ سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي کي رياست جي پوري قوت سان چٿيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون دشمن جي انٽيليجنس ايجنسين جي چالن کان مڪمل باخبر آهن، پراڪسي عنصرن کي پاڪستان جي امن ۽ خوشحالي کي نقصان پهچائڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. فوج قوم جي ساٿ سان انهن پراڪسي عنصرن جي ٺڪاڻن جو خاتمو يقيني بڻائيندي، جڏهن ته دهشتگردن جي سهولتڪارن کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته پيچيده اسٽريٽجڪ چئلينجن سان نبرڻ لاءِ اسٽريٽجڪ بصيرت ۽ ادارتي پيشيورانه مهارت بنيادي اهميت رکي ٿي، جنگيون بيان بازي يا سياسي نعرن سان نه پر ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط سان کٽيون وينديون آهن.










