سراج الحق سکر بئراج کان تريل 3 لاشن جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

سراج الحق سکر بئراج کان تريل 3 لاشن جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

سکر(ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي سراج الحق سکر بئراج تي 3 ڏينهن کان ترندڙ 3 لاشن جي وڊيو شيئر ڪئي.سراج الحق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سکر بئراج جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ بئراج ۾ بيٺل لاش ڏسي سگهجي ٿو.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ امير جماعت اسلامي سراج الحق لکيو ته اڄ سکر بئراج تان گذريو آهي، ٽن ڏينهن کان اتي ٽي لاش تري رهيا آهن، روهڙي ۽ سکر پوليس اسٽيشنن جي حدن ۾ فرق سبب اهي نه ڪڍي سگهيا آهن.امير جماعت اسلامي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته ڪهڙي خراب گورننس ۽ بي حسي آهي، مقامي ماڻهن چيو ته 23 لاش ڏٺا، رڳو 6 ڪڍي سگهيا، سراج الحق پنهنجي ٽوئيٽ ۾ موجوده صورتحال کي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو