سخي ڄام ڏاتار جو ساليانو عرس، عالمي امن ڪانفرنس منعقد

سخي ڄام ڏاتار جو ساليانو عرس، عالمي امن ڪانفرنس منعقد

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري )سنڌ جي مشهور بزرگ حضرت سيد اصغر علي شاھ المعروف سخي ڄام ڏاتار جي سالياني 748 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي  پاڪستان انٽرنيشنل مشائخ ڪائونسل پاران عالمي امن ڪانفرنس درگاھ جي احاطي ۾ ڪوٺائي وئي جنھن ۾  سيد خاور حسين شاھ لطيفي، سيد فرزند علي شاھ جيلاني، سيد علم الدين شاھ المست بخاري، سيد وسيع الله شاھ راشدي، فقير سيف الرحمان ھيسباڻي، فقير ھوت خان گاڏھي، سيد حسين شاھ جيلاني، امجد علي قاضي، فقير نويد حسين وسطڙو سميت مختلف درگاھن جي گادي ۽ سجاده نشينن شرڪت ڪئي.عالمي امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي درگاھن جي گادي ۽ سجاده نشينن چيو ته سنڌ ڌرتي پيرن ولين جي ڌرتي طور سڃاتي وڃي ٿي بزرگن جون  درگاھون پيار، محبت، ڀائيچاري جون درسگاهون بڻيل آھن پاڪستان انٽرنيشنل مشائخ ڪائونسل پاران  نه صرف درگاھن تي پروگرام ڪري امن جو پيغام ڏنو پيو وڃي پر ڪشمير جي آزادي جي حوالي سان پڻ تحريڪ ھلائي پئي وڃي. ھنن چيو ته درگاهن ۽ آستانن تي ويهڻ وارن کي رسم شبيري ادا ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو بزرگن ماضي ۾ بنا ڪنهن رنگ ، نسل ۽ مذهب جي انسانيت جي خدمت ڪري پوري بر صغير ۾ اسلام جو پيغام عام ڪيو ۽ اسلام جي سربلندي لاءِ پنهنجي جان و مال جي قرباني ڏني ان سموري پيغام کي ٻيهر سگهارو بنائڻ لاءِ پاڪستان جي مختلف درگاهن جي گادي نشينن هڪ ٿي اهو وچن ڪيو ته تصوف کي هڪ دفعو وري عوام ۾ عام ڪيو وڃي  پي ايم آئي سي جو وجود صرف انسانيت جي خدمت ۽ سمورن درگاهن جي سجاده نشينن کي گڏ ڪري تصوف جو فروغ آهي ھنن چيو ته اسان جي فوجي جوانن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ملڪ جي حفاظت ڪئي آهي. درگاهن جي گادي نشينن  پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل جوڙي پاڪستان مان دهشتگردي ۽ فرقه پرستي جي پاڙ پٽڻ جو عزم ڪري درگاهن جي حدن ۾ زيارت جي بهاني ايندڙ عوام پاران ٿيندڙ غير اخلاقي ۽ غير شرعي ڪمن جي روڪٿام آهي. امن ڪانفرنس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي.ان موقعي تي ٽائون آفيسر نور احمد زرداري ايندڙ مھمانن کي ڀليڪار پڻ چيو.امن ڪانفرنس جي اختتام تي ملڪ ۽ قوم لاءِ خصوصي دعا پڻ گھري وئي.ڪانفرنس ۾ ولي الله جي عرس جي موقعي تي سرڪاري عام موڪل ڪرڻ،گادي نشينن کي مختلف انتظامي ۽ مذهبي ڪميٽين ۾ شامل ڪرڻ،ڀارت پاران مظلوم ڪشميرين تي ظلم بند ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي آزادي جو حق ڏيارڻ، اولياءَ ڪرام جي تعليمات کي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ، سمورين درگاھن تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ کان علاوهه  درگاھن تي ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي حوالي سان قراردادون منظور ڪيون ويون. ڪانفرنس کان اڳ سمورين درگاھن جي گادي ۽ سجاده نشينن سخي ڄام ڏاتار جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي ۽ دعا گھري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو