اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت پاران فيبروري 2024 لاءِ مهيني جي اقتصادي اپڊيٽ ۽ آئوٽلڪ جاري ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته سخت ۽ غير مقبول فيصلن سبب معيشت بهتري جي رستي تي هلي رهي آهي، نئين حڪومت ايف بي آر جي جوڙجڪ لاءِ ضروري سڌارا آڻي، حڪومتي ادارن ۾ گورننس ۽ مالياتي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ گهرجي.ناڻي واري وزارت موجب معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تبادلي جي شرح جي استحڪام سان گڏ ڪاروباري اعتماد جي حوصلا افزائي جاري چئلينجن جي وچ ۾ پاڪستان لاءِ مثبت معاشي نقطه نظر ۾ مدد ڪئي.فيبروري 2024 لاءِ مهيني جي اقتصادي تازه ڪاري ۽ آئوٽ لڪ چيو آهي ته گذريل ڪجهه مهينن جي ڪارناما مارڪيٽ جي اعتماد کي بحال ڪيو ۽ اقتصادي سرگرمي کي تيز ڪيو.










