سخت گرمي سبب 4 شاگرد بيهوش، استادن ۽ شاگردن جو مظاهرو

سخت گرمي سبب 4 شاگرد بيهوش، استادن ۽ شاگردن جو مظاهرو

ڀرياروڊ  (دانيال شيخ) سخت گرمي سبب عوام پريشان، ڀرياروڊ هائير سڪينڊري اسڪول جا 4 شاگرد ڀوگر خان شر، نويد چانڊيو، رحيم بخش خاڪي ۽ سلطان بروهي سخت گرمي سبب بجلي نه هئڻ ڪري اسڪول جي ڪلاسن ۾ بيهوش ٿي ويا.

جڏهن ته ان موقعي تي هائير سيڪنڊري اسڪول جي سوين شاگردن ۽ استادن  پرنسپال ذوالفقار ڪيريو ، شوڪت راڄپر ، سڪندر سولنگي ، محمود سومرو ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڀرياروڊ ۾ ڪنڊيارو فيڊر جي بجلي ايس ڊي او علي شير تڳر ايل ايس شهباز جوکيو، لائين مين انور ڪيريو  ملي ڀڳت ڪري لائين لاسزز پورا ڪرڻ جي لاءِ نصرت ڪينال کان لينڪون ڪٽي هٿ سان عوام کي پريشان ڪري رهيا آهن ، هنن ٻڌايو ته بجلي 15 ، 15 ڪلاڪ غائب رهڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي ، هنن چيو ته اسان جي اسڪول جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي ، معصوم شاگرد  پڻ سخت پريشان ٿي رهيا آهن ، هنن ٻڌايو ته اگر شهر اندر ڪو بجلي جو ٽرانسفارمر سڙي ٿو ته ڳري رشوت عيوض پئسا عوام کان اوڳاڙي ڪري ٺهرايو ٿو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ڦورن ايس ڊي او، ايل ايس ، لائين مين کي هٽائي بجلي جي لوڊشٽنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ شهر اندر سيپڪو عملي خلاف هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو