شرط قبول، حڪومت جي آءِ ايم ايف جي مشن کي دوري جي دعوت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي عملدرآمد جي حوالي سان وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ پاڪستان ناڻي واري سيڪريٽري ذريعي آءِ ايم ايف کي لکت ۾ درخواست موڪلي ڇڏي آهي ته هو پنهنجو نظرثاني مشن ايندڙ هفتي اسلام آباد موڪلي 7 هين جائزي ۾ ڊيڊ لاڪ ختم ڪري، صحافين جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي اعليٰ اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته وزيراعظم ٻئي ڏينهن لاهور کان آن لائن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف جي نظرثاني واري مشن کي اسلام آباد جي دوري جي دعوت ڏني ويندي.اهڙي طرح حڪومت هاڻي ان نتيجي تي پهتي آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام کي فوري طور تي ٻيهر شروع ڪرڻ جي صورت ۾ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو.هڪ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کان مثبت جواب جي توقع آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ اقتصادي ٽيم ميڪرو اڪنامڪ ۽ فنانشل فريم ورڪ کي حتمي شڪل ڏني آهي ۽ جيئن ئي آءِ ايم ايف سان اتفاق ٿيندو ته ان تي عمل ڪيو ويندو.هڪ سينيئر آفيسر ٻڌايو ته ناڻي واري وزارت (ڪي جي بلاڪ) جي پاليسي سازن ۾ خدشو آهي ته اضافي ٽيڪس قدم کڻڻ ۽ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ جي باوجود، ڇا ٿيندو جيڪڏهن آءِ ايم ايف انهن قدمن کي ناکافي قرار ڏئي ٿو، تنهن ڪري پاليسي سازن فيصلو ڪيو ته پهريان تيار ڪيل پاليسي تي اتفاق ڪيو وڃي.ايف بي آر جو چوڻ آهي ته نظر ثاني ٿيل ميڪرو اڪنامڪ ۽ مالياتي فريم ورڪ تحت حڪومت آءِ ايم ايف کي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي (پي ڊي ايل) کي 855 ارب رپين مان وڌائي 550 ارب رپيا ڪرڻ لاءِ راضي ڪندي، ايف بي آر جو چوڻ آهي ته هدف 7470 ارب رپيا رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو