سحري ۽ افطاري ۾ گيس بجلي غائب، جماعت اسلامي پاران ڳڻتي جو اظهار

سحري ۽ افطاري ۾ گيس بجلي غائب، جماعت اسلامي پاران ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ ڪراچي ۾ سحري ۽ افطاري دوران گيس ۽ بجلي لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت سحري ۽ افطاري دوران گيس ۽ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي، موجوده اتحادي حڪومت پاران مهانگائي جي خاتمي کان ويندي ڀلاري مهيني ۾ روزيدارن کي بجلي ۽ گيس جي بنا روڪ ٽوڪ جي فراهمي واريون ڳالهيون نسورو ڪوڙ ثابت ٿيون آهن. جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ظلم ۽ ناانصافي جي انتها آهي جنهن صوبي مان گيس ۽ تيل نڪري رهيو آهي اُتي مقامي ماڻهن کي ملازمتون به نٿيون ملن جڏهن ته تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ صوبي ۽ سڀ کان وڌيڪ روينيو فراهم ڪندڙ سنڌ جي عوام کي سوئي گيس سميت بنيادي انساني سهولتن کان به محروم رکيو ويو آهي جيڪا ڳالهه حڪومتي بي حسي ۽ انساني حقن جي شديد پامالي اهي، حڪومت جي وڏن دعون جي برعڪس سحري ۽ افطار توڙي تراويح جي دوران بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ڪٿي پريشر ۾ گهٽتائي جي ڪري روزيدار سخت پريشاني ۽ اذيتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. مهانگائي جي طوفان جي ڪري غريب ماڻهو ايل پي جي يا هوٽل کان ماني خريد ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي ان ڪري بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ٻيڻي عذاب کي ڀوڳڻ تي مجبور اهي. حڪومت ان سنگين مسئلي جو نوٽيس وٺي روزيدارن جي بددعائن وٺڻ بدران شهرين لاءِ سحري ۽ افطاري جي ٽائم تي بجلي ۽ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو