دڙو (ن سنڌ يار) قادرڏنو شاھ ريگيوليٽر ۽ پڃاري ڪئينال مان نڪرندڙ 10 کان مٿي شاخن ۽ واهن پاڻي جي کوٽ سبب آبدگار پريشان آهن. گزو شاخ، ٻنون مائينر، لائقپور واھ، بخاري مائينر، راڄ واھ، محمود واھ سميت 10 کان وڌيڪ واھن ۽ شاخن ۾ 6 مھينن کان وٺي پاڻي جي شديد اڻاٺ آھي. جڏھن ته راڄ واھ، شيخا واھ، محمود واھ، ٻارنھن گزو شاخ ۽ ان مان نڪرندڙ ٻنون مائينر جي ٻنھي پاسن کان ھزارين ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمينون پاڻي نه ملڻ سبب سڪي ٺوٺ ٿي ويون آھن. زمينن کي پاڻي نه ملڻ سبب ڪمند، ڦٽين، مڪئي ۽ ٻين فصلن جي پوکائي نه ٿيڻ سبب مقامي آبادگار سخت پريشان آھن. دڙو، ٻنون، ڊڀو موري، علي بحر، بچل گگو، حاجي محمدالرحيم گگو، لائقپور ۽ ڀرپاسي جي سوين آبادگارن جو ھنگامي اجلاس سيد علي اڪبر شاھ ڄاموٽ جي صدارت ھيٺ ٻنون ۾ ٿيو، جنھن ۾ ماما اعجاز سومرو، محمد خان ڪڇي، حاجي نواز گگو، خميسو خان مگسي، حاجي خان عباسي، محمد بچل لاشاري، نوز سومرو، علي اڪبر ڀنڀرو، محمد علي سومرو سميت ٻين سوين آبادگارن شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي اڻاٺ ۽ 12 گزو شاخ جي سالن کان کانٽي نه ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آھي ته آبپاشي کاتي جي نااھلي سبب ھتان جا آبادگار سخت پريشان آھن. سالن کان ٻارنھن گزي شاخ ۽ ٻين واھن شاخن جي صفائي نه ٿي سگھي آھي. مٿان وري پاڻي بند ڪيو ويو آھي. جنھن ڪري ھزارين ايڪڙ زمينون پاڻي نه ملڻ سبب سڪي ويون آھن. ڪمند ۽ ٻين فصلن جي پوکائي نه ٿيڻ سبب ھتان جا آبادگار سخت پريشان آھن. ھنن چيو ته اسان وٽ ھميشه پاڻي جي اڻھوند جو وڏو مسئلو رھندو پيو اچي. جڏھن ته آبپاشي کاتي جا راشي آفيسر وڏيرن ۽ ڀوتارن کان ڳريون رشوتون وٺي پاڻي مٿي بليڪ ڪري ٿا ڇڏين. ڪافي سالن کان ٻارنھن گزو شاخ ۽ ٻين واھن جي صفائي به نٿي ڪرائي وڃي. شاخون لٽجي ويون آھن. داروغا ۽ بيلدار گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن. ھنن سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير۔ صوبائي سيڪريٽري، چيف انجنئير ڪوٽڙي بئراج ۽ ٻين کان پرزور گھر ڪئي ته فورن واھن ۽ شاخن جي صفائي ڪرائي ان ۾ پاڻي جي فراھمي شروع ڪرائي آبادگارن کي معاشي تباھي کان بچايو وڃي۔ ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.










