ستارن جي گردش، اڄ کان ڪنهن ڪنهن لاءِ برو وقت شروع آهي؟

ستارن جي گردش، اڄ کان ڪنهن ڪنهن لاءِ برو وقت شروع آهي؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ناليواري پامسٽ ۽ ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا هندي جي لال ڪتاب جي آڌار تي پيشن گوئي ڪئي آهي ته ب، و، اي، اُو ۽ عو سان شروع ٿيندڙ وارن نالن جي ماڻهن لاءِ 15 مئي کان 15 جولاءِ تائين خراب وقت رهندو. هن ٻڌايو ته انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ نالن واران ماڻهن جي طالع جي چوٿين ۽ ڏهين گهر ۾نحس ستارا راھو ۽ ڪيٽو جي گردش، طالع ۾ 15 مئي 2026 کان 15 جولاءِ 2026 تائين سورج جو داخل ٿيڻ سبب سندن طبيعت ۽ ذھن تي دٻاءُ رهندو. سندن دوست، باس، رشتيدار، گھرڀاتي، پارٽنر وغيره سان تڪرار ٿي سگهي ٿو جنهن کان کين پرهيز ڪرڻ گهرجي. ان عرصي م سندن خرچن ۾ به اضافو ٿي سگهي ٿو. سندن لاءِ مشورو آهي ته جيترو ٿي سگهي صبر ۽ ڪمپرومائيز کان ڪم وٺجي. بعد ۾ شڀ ستارو گرو (مشتري) طالع جي ٽئين گهر ۾ اچڻ جي ڪري، ھر طرف کان ماحول سازگار لک مخالفتن جي باوجود ڪاميابي ملندي. منفي اثرن کان بچڻ لاءِ هو هر آچر تي دان طور مٺي ماني ڪيڙن مڪوڙن کي ڏين ته سندن لاءِ بهتر رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو