ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي شهر سبي ۾ جناح روڊ تي ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب ڌماڪو سبي ۾ جناح روڊ تي ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو. اسپتال انتظاميا موجب ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، جن مان 3 جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. هوڏانهن حالتن کي ڏسندي سبي ۽ ڪوئيٽا جي سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.










