سبي ۽ ڪوهلو ۾ زلزلي جا جھٽڪا

سبي ۽ ڪوهلو ۾ زلزلي جا جھٽڪا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعن سبي ۽ ڪوهلو ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي ماپ واري مرڪز (زلزله پيما مرڪز) موجب، سبي ۾ زلزلي جي شدت 4.2 جڏهن ته ڪوهلو ۾ 5 ريڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي جي ماپ واري مرڪز جو چوڻ آهي ته سبي ۾ زلزلي جي گهرائي 42 ڪلوميٽر جڏهن ته ڪوهلو ۾ 18 ڪلوميٽر ريڪارڊ ڪئي وئي. مرڪز موجب، سبي ۾ زلزلي جو مرڪز شهر کان 57 ڪلوميٽر اتر-اوڀر (شمال مشرق) ۾ هو، جڏهن ته ڪوهلو ۾ زلزلي جو مرڪز شهر کان 65 ڪلوميٽر اتر-اوڀر ۾ واقع هو.

پهنجو تبصرو موڪليو