سبزي منڊي جي دڪاندارن جو پوليس زيادتين خلاف احتجاج

سبزي منڊي جي دڪاندارن جو پوليس زيادتين خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)ٺاروشاھ سبزي منڊي جي دڪاندارن ۽ منڊي هولڊرن جو پوليس جي ڏاڍاين خلاف احتجاج انصاف جو مطالبو, پڙي هولڊرن ۽ دڪاندارن ظهور احمد ٻٻر غفار راجپوت فيضان راول ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته ٺاروشاھ پوليس جو جمعدار رات جو ڊيوٽي انچارج راڻو خان اڄڻ پوليس اهلڪار ساڻ ڪري سبزي ۾ انبن جي پيٽين مان انب زبردستي کڻي وڃن ٿا هنن چيو ته سبزي منڊي ۾ انب جون پيٽيون مختلف واپاري کپائڻ لاء رات جو اسٽاڪ ڪندا آھن جنهن مان رات جو دير سان پوليس اهلڪار ورديء جي ڏاڍ تي چوڪيدارن کي ڌمڪائي زبردستي انب کڻي وڃن ٿا هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ڏاڍ ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي نه ٻي صورت ۾ ٺاروشاھ ٿاڻي آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو