نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)مورو ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل اٽي، کنڊ، دالين، دوائن ۽ ڀاڄين سميت عام واهپي جي روز مرھ جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا وڌندڙ هٿرادو مهانگائي سبب غريب ماڻهو بکن ۾ پاھ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور، غريب ماڻهن جا ٻچا هڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءِ پريشان، وڌندڙ مهانگائي غريب شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون ۽ سندن جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي وڌندڙ مهانگائي جي چڪي ۾ غريب ماڻهو پيسجي رهيا آهن دانهن ڪوڪون ڪرڻ جي باوجود غريب ماڻهن جو ڪو به تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري سندن ٻچا ڦاڪاڪشي جي زندگي گذاري رهيا آهن، ايتري قدر جو وفاقي حڪومت پاران بار بار تيل گيس ۽ بجلي ۽ دوائن جا اگهه وڌائڻ کان پوءِ وڏن واپارين ۽ ڪارخاني دارن ملي ڀڳت ڪري روز مرھ جي شين جا اگهه آسمان سان لڳائي ڇڏيا آهن جيڪي غريب ماڻهن جي پهچ کان مٿي آهن ۽ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهو سخت پريشان آهن ايتري قدر جو هن وقت مورو شهر ۾ اٽو 70 روپيا ڪلو پڪوان آئل 220 ۽ کنڊ 100 روپيا، کير 120 وڪامڻ لڳو، ننڍو گوشت 900 روپيا، وڏو گوشت 400، مرغي 300، مڇي 350، کان 500 روپيا، ٽماٽا 200، بصر 80، ميها 80، انگريزي گوار 80، سنڌي گوار 100، پٽاٽا 50، ڳاڙها مرچ 800 روپيا، بھ 150، داليون 250 کان 300 روپيا تائين في ڪلو وڪرو ٿي رهيون آهن ان کان علاوہ مرغي فروشن پنھنجي من مستي ڪندي بغير لسٽ جي مرغي جو گوشت وڪرو ڪري رھيا آھن، انهي سلسلي ۾ غريب شهرين جو چوڻ آهي ته مورو شھر اندر گوشت، مڇي، پلو، مرغي غريب ماڻهن جي کائڻ کان ته وڏو آهي پر غريب ماڻهو پورهيت ۽ مزدور دال کائڻ کان به قاصر آهن ايتري قدر جو وڌندڙ هٿرادو مهانگائي سبب سندن ٻچا فاڪاڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ سندن جيئڻ جنجال بڻجي ويو جڏهن ته دڪاندار مهانگائي جو سبب وفاقي حڪومت پاران تيل گيس جا اگهه وڌائڻ سميت ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو چئي مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي.










