ساوند قبيلي جا 15 روپوش پاڻ پيش، هڪ گرفتار

ساوند قبيلي جا 15 روپوش پاڻ پيش، هڪ گرفتار

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ جي هدايت تي روپوش ڏوهارين خلاف پوليس جو ڪريڪ ڊائون، سي سيڪشن پوليس انچارج اختيار علي پنهيار ۽ سندس ٽيم گرڊ اسٽيشن ڀرسان ڪاروائي ڪري  روپوش جوابدار غلام شبير عرف غلام قادر سبزوئي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان کان علاوه ايس ايس پي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته مختلف ڪيسن ۾ گهربل 15 جوابدارن پوليس آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو آهي.

ايس ايس پي ڪشمور پريس ڪانفرنس ۾ ساوند قبيلي وارن سرينڊر ڪيو

پاڻ کي پيش ڪندڙ سمورن جوابدارن جو تعلق ساوند قبيلي سان آهي، سمورا جوابدار ساوند سبزوئي قبائلي جهيڙي دوران ڪيسن ۾ روپوش هئا. سرينڊر ڪندڙ جوابدارن کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويندو. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته پوليس جي خوف سبب روپوش جوابدار ڪورٽ وڃي نه پيا سگهن، انهن لاء فري ليگل مدد لاء برانچ قائم ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڪجھ ماڻهن سان ڪجھ پوليس وارن پاران ناجائزيون ڪيون ويون آھن ۽ پوليس بيگناھ ماڻهن جا نالا ڪيسن ۾ داخل ڪيا آهن، اهڙي عمل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو