سانگهڙ مان تيل ۽ گئس جو نئون ذخيرو هٿ

سانگهڙ مان تيل ۽ گئس جو نئون ذخيرو هٿ

سانگهڙ (ن س )آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) سنڌ جي ضلعي سانگهڙ مان تيل ۽ گئس جو نئون ذخيرو دريافت ڪري ورتو آهي.ترجمان موجب، “بـوبي ڊيپ ون” کوهي مان روزاني 2 هزار بيرل تيل ۽ 1.1 ايم ايم ايس سي ايف ڊي (MMSCFD) گئس جي پيداوار حاصل ٿيندي.ترجمان جو چوڻ آهي ته هن نئين دريافت سان علائقي ۾ وڌيڪ ڳولا جا امڪان روشن ٿي ويا آهن، ۽ ان سان ملڪي تيل و گئس جي پيداوار ۽ ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو. او جي ڊي سي ايل جي ترجمان موجب، هن نئين دريافت سان ملڪي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ٻاهران گهرايل (درآمدي) ٻارڻ تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته هن نئين دريافت جي نتيجي ۾ ملڪ جي امپورٽ بل (درآمدي خرچن) ۾ واضح گھٽتائي ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو