ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي تہ سنڌ ۾ سانوڻيءَ جي زوردار وسڪاري سنڌ ۾ 18سالن کان برسر اقتدار پيپلزپارٽي حڪومت جي نااھلي کي وائکو ڪري ڇڏيو آھي. ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو تہ ھاڻوڪي برسات سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدر آباد، ٺٽي بدين سميت ڪيترن ئي شھرن ۾ بيٺل پاڻي انتظامي نااھلي ۽ ڪرہشن کي وائکو ڪري ڇڏيو آھي. گھر، روڊ رستا پاڻي سان ڀريل ھجڻ سبب معمول جي زندگي متاثر ۽ ڪيتريون ئي حياتيون ان جي نظر ٿي ويون. برسات ۽ ٻوڏ ۾ سنڌ اڳ ۾ ئي گھڻو ڀوڳي چڪي آھي. موسميات کاتي طرفان اڳواٽ باخبر رکڻ باوجود پاڻي جي نيڪال جا نالا صاف نہ ڪرڻ سميت بروقت انتظامات نہ ڪرڻ نااھلي جي انتھا آھي. برسات اللہ طرفان انسانن لاءِ رحمت ھوندي آھي پر حڪومتي ڪرپشن و انتظامي نااھلي سبب اھا عوام لاءِ زحمت بڻجي ويندي آھي.سڄي ملڪ ۾ ۽ ھرسال ھن موسم برسات پوندي آھي. ھر ڀيري حڪومتي جي ناھلي ڪري عوام کي سور سھڻا پوندا آھن. جماعت اسلامي جي صوبائي امير وسڪاري۾ قيمتي انساني حياتين توڙي مالي نقصان تي ڏک جو اظهار ، متاثر گھراڻن سان ھمدردي، مرحومين جي مغفرت جي دعا ۽ گھر ڪئي تہ حڪومت متاثر خاندانن سان مالي مدد توڙي وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ رٿابندي ڪري.#










